اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر م??مد صادق سنجراڻي محسن پاڪستان ۽ ائٽمي سائنسدان ڊ??ڪٽ?? عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ونگ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ وقتي صدر چ??و ته مرحوم جي خدمتن کي سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو ۽ ملڪي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ مرحوم سائنسدان عبدالقدير جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چ??و ته ڊ??ڪٽ?? عبدالقدير خان جي خدمتن تي پوري قوم کي فخر آهي. ملڪ جي لاءِ ڊ??ڪٽ?? عبدالقدير جي اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ساراهيو ويندو. پوري قوم سندس لاڏاڻي تي ڏکويل آهي. وقتي صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي ??ان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چ??و ته مرحوم ائٽمي سائنسدان عبدالقدير جي جنازي نم??ز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي. جنازي نم??ز ۾ وقتي صدر م??مد صادق سنجراڻي پڻ شرڪت ڪندو. سينيٽ جي دپٽي چيئرمين سينيٽر م??زا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊ??ڪٽ?? شهزاد وسيم، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ ائٽمي سائنسدان عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.