اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري ج?? ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، هن اها ڳالهه اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين، مملڪتي وز??ر فرخ حبيب ۽ اطلاعات واري وزارت جي سينئر آفيسرن جي اعزاز ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ڪيل چانهه جي اهتمام جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي وز??راعظم جي خاص مددگار علامه طاهر اشرفي، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهده، پي آءِ او سهيل علي خان، ايڪسٽرنل پبلسٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن، پي ٽي وي جو ايم ڊي عامر منظور، ايگزيڪيٽو پروڊيوسر عون ساهي، وز??راعظم جو ڊجي??ل ميڊيا بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد، جي ايم ڊجي??ل ميڊيا ونگ عمران غزالي ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن به شرڪت ڪئي. پرڏيهي وز??ر 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جي پرڏيهي وز??رن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۽ ان جي ارادن ۽ مقصدن جي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موثر تشهير تي اطلاعات واري وز??ر چوڌري فواد حسين ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته الله رب العزت وز??راعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان کي هڪ تاريخي، سفارتي ڪاميابي سان نوازيو، افغانستان جي حوالي سان منعقد او آءِ سي جي پرڏيهي وز??رن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي ۽ اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري ج?? ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وز??رن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزبان?? ڪرڻ لاءِ به پرعزم آهي.