اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رت جي مرض جو ماهر مشهور پروفيسر ڊاڪٽر طاهر شمسي جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪ??و آهي. ايوان صدر مان جاري پنهنجي تعز??تي بيان ۾ صدر چيو ته ڊاڪٽر طاهر شمسي طب ۽ تحقيق جي ش??بي ۾ نمايان خدم??ون انجام ڏنيون، بون ميرو ٽرانسپلانٽ ۽ رت جي ڪينسر جي علاج جي حوالي سان سندس خدم??ون ياد رکيون وينديون، صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ڊاڪٽر طاهر شمسي کي جوار رحمت تي جاءِ ڏي ۽ سندس وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.