پشاو?? – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان ۽ وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صوبي ۾ سياسي صورتحال، انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي منصوبن خاص طور تي زراعت، ٽرانسفارميشن پلانٽ تي عملدرآمد، ٻيلن جي تحفظ جي منصوبي ۽ صحت ڪارڊ جي عوامي پذيرائي تي ڳالهه ٻولهه سان گڏوگڏ وزيراعظم کي مهانگائي کي روڪڻ لاءِ انتظامي پاران کنيل قدمن ?? ذخيره اندوزي جي خلاف آپريشن تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ترقياتي منصوبن جي مقرر مدي ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.