جده – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعود?? ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي وچ ۾ جمعي جي را?? ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعود?? ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شريف جي استقبال لاءِ پاڻ ٻاهر آيو، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر ڏنو ويو. سعودي هٿيارب??د فوج جي دستي وزيراعظم کي سلامتي ڏني، ان کانپوءِ سعود?? ولي عهد سعودي وفد سان وزيراعظم جو تعارف ڪر??يو?? جڏهن ته وزيراعظم کيس پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن سان مل??يو?? ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا وفد به شريڪ ٿيا، سعودي عرب ج?? ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي .