اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) اسلام آباد ۾ سانوڻي جي قومي سطح تي تياري بابت ڪانفرنس منعقد ڪئي. ڪانفرنس جو مقصد ماحولياتي تبديلين ۽ تازي گرمي جي سخت لهر کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي، صوب??ئي ۽ ٻين سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي تياري جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ سمورن ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل تعاون کي بهتر بڻائڻ هو. ڪانفرنس جي صدارت اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ڪئي. ڪانفرنس ۾ صوب??ئي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کانسواءِ وفاقي ۽ صوب??ئي ادارن جي اعليٰ عهديدارن سميت هٿياربند فوج، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، ف??ڊرل فلڊ ڪميشن، واپڊا، آبپاشي کاتي، ريلوي، اسپارڪو، ايف ڊبليو او، موسمياتي کاتي، گڏيل قومن جي ايجنسيز ۽ انساني امداد جي فلاحي ادارن/ تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي پاران سال 2022ع جو ساليانو سانوڻي پلان پڻ جاري ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين م??حولياتي تبديلين جي پاڪستان تي اثرن ۽ پاڪستان جي مختلف قدرتي آفتن خاص طور تي ٻوڏ ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وقت سر قدمن ۽ مختلف ڌرين جي تياري ۽ گڏيل رابطي کي انساني ۽ مالي نق??انن کان بچڻ جي لاءِ لازمي قرار ڏنو. اين ڊي ايم اي چيئرمين اڳواٽ ۽ وقت سر هنگامي اطلاع جي نظام، عام ماڻهن تائين م??لومات جي پهچ ۽ آگاهي، معاشرتي سطح تي متحرڪ ٿيڻ ۽ ادارن جي وقت سر ريسپانس تي زور ڏنو. اين ڊي ايم اي چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان کي موسمياتي تبديلين ۽ انهن جي منفي اثرن کي پڻ نظر ۾ رکڻو آهي جيڪي خطي ۾ شديد گرمي جي لهر ۽ برفاني ڇپن جو پگهرجڻ اوچتو ٻوڏ جو سبب بڻجي رهيا آهن. سانوڻي پلان جي حوالي سان ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي چيئرمين آفتن کي منهن ڏيڻ جي نظام کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ ۽ وقت سر الرٽ جاري ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪانفرنس ۾ شريڪ مختلف ادارن جي نمائندن م??ڪماڻي تيارين جي حوالي سان آگاهه ڪيو ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال ۾ عوام جي جاني ۽ مالي نق??ان کان بچاءُ جي لاءِ وقت سر قدم کڻڻ جي عزم کي ورجايو.