اسلام آباد – 07 211; ??ئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان ڇنڇر ڏينهن هڪ سي 130 جهاز مزار شريف روانو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثر افغانستان جي عوام جي لاءِ هنگامي امدادي سامان موڪليو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب امدادي سامان ۾ تنبو، اٽو، چانور ۽ کنڊ شامل هئا. پاڪستان پاران افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ خيرسگالي جذبي طور ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ خوراڪ ۽ عا??ضي رهائشگاهن جي سامان تي ٻڌل ٻيو جهاز موڪليو ويندو. بيان موجب پاڪستان هڪ پاڙيسري ملڪ جي حي??يت سان افغان عوام جي لاءِ انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، اميد آهي ته عالمي برادري به افغانستان ۾ متاثر ماڻهن کي وقت سر امداد ۽ معاشي امداد فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندي.