اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مري?? اورنگزيب يو اي اي جي صدر شيخ خليفه ??ن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته شيخ خليفه ??يد النهيان پنهنجي ملڪ جي عوام جي لاءِ باوقار زندگي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس دور ۾ گڏيل عرب امارات تيز رفتار ترقي ڪئي، مرحوم پنهنجي ملڪ جي لاءِ پهريون ??سٽ??يٽجڪ منصوبو ٺاهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شيخ خليفه ??ن زيد النهيان اسلامي دنيا ۾ هڪ مضبوط آواز رکندو هو. هن چيو ته يو اي اي جي شاهي خاندان ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم شيخ خليفه ??ن زيد النهيان جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن ک?? صبر جميل عط?? فرمائي.