اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قانونسازي بابت معاملا اڪلائڻ جي لاءِ ڪابينا جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، قانون وارو وفاقي وزير فروغ ن??يم ڪميٽي جو چيئرمين هوندو، ڪميٽي قانونسازي، ترمي??ن ۽ تجويز ڪيل قاعدن ۽ ضابطن جو جائزو وٺي سفارشون پيش ڪندي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم عمران خان پنهنجا خاص اختيار استعمال ڪندي ڪابينا جي قانونسازي معاملن بابت ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.