اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڀارتي لوڪ سڀا ۾ منظور ڪيل تڪراري شهريت بل جي سخت مذمت ڪندي چ??و آهي ته ڀارت جي اهڙي قدم سندس اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏ??و آهي، ڪابينا مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو معاملو ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو، حڪومت ذيلي ڪميٽي جي سفارشن ۽ ٺوس سببن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪندي، وزيراعظم سزا يافته ۽ فرار ٿيل ماڻهن ??ي ميڊي?? بيانن جي تدارڪ لاءِ پيمرا سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين ??ي مشاورت سان لائحه عمل جوڙڻ لاءِ قانون ۽ انصاف واري ??زير کي خصوصي هدايتون ڏنيون، ڪابينا جي سڪوڪ بانڊز ۽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تي خدشن تي ٻئي سمريون واپس ورتيون ويون، حڪومت پهرين 15 مهينن ۾ سوئي گئس، بجلي، زراعت، فرٽيلائيزر جي شعبي ۾ 401 ارب جي سبسڊي ڏني آهي، وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر جي سمورين اسپتالن کي اسٽيٽ آف دي آرٽ ادارن ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڏني. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان ??ي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا ڀارتي لوڪ سڀا طرفان شهريت بابت قانون سازي جي شديد مذمت ڪندي چ??و آهي ته اهڙي قانونسازي ڀارتي سرڪار جي نام نهاد لبرل ازم جو پردو لاهي ڇڏ??و آهي ۽ اهو آر ايس ايس نظرئي جي واڌ جي ايجنڊا جو عملي مثال آهي