اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، ??زيراعظم به ان معاملي تي آمريڪي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪري چڪو آهي، ??هانگائي ۽ ناڻي واڌ تي ضابطو آڻڻ لاءِ محنت جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ جي ايوان صنعت ۽ واپار جي صدرن سان ايوان صنعت ۽ واپار اسلام آباد جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.