اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انسٽيٽيوٽ آف ??يج??ل اسٽڊيز تي زور ڏنو آهي ته اهو تحقيق جي دائري ۾ سگهه تي خاص ڌيان ڏيندي پنهنجي هدفن جو نئين سر تعين ڪري، جڏهن ته تحقيق جي شعبي ۾ ئي علائقائي ۽ عالمي ادارن ۽ ٿنڪ ٽينڪس سان رابطي ۽ ت??او?? کي پڻ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر اهي هدايتون انسٽيٽيوٽ آف ??يج??ل اسٽڊيز جي وقتي صدر نديم رياض پاران ايوان صدر ۾ اداري جي ڪرد??ر بابت ڏني ويندڙ پريزنٽيشن دوران جاري ڪيون. نديم رياض انساني وسيلن جي ترقي ۽ تحقيقي پب??لي??يشنز جي حوالي سان اداري جي خدمتن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته وڏي انگ ۾ اسڪالرز، ريسرچرز ۽ شاگردن انسٽيٽيوٽ جي پليٽ فارم تان فائدو کنيو آهي.