اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ڪراچي جا پراڻا مسئلا ان وقت تائين حل نه ٿا ٿي سگهن جيستائين ڪراچي جي عوام جي چونڊيل مقامي حڪومت جا نمائندا آئين جي روح موجب مالي، سياسي ۽ انتظامي طور تي خودمختيار نه ٿين. وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 140 اي تي ان ??ي روح موجب مڪمل عملدرآمد جي حامي آهي. وزيراعظم آفيس پاران ??اري بيان موجب هن اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته آرٽيڪل 140 اي تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ د??خل پٽيشن جي جلد ٻڌڻي ۽ فيصلي جي لاءِ اعليٰ عدليه کي فوري طور تي درخواست ڪئي وڃي.