اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينس?? سميت سمورن مرضن بابت جام?? قومي ڊيٽا بيس تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو هتي ڇاتي جي ڪينسر بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، صحت واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف بيمارين بابت مرڪزي ڊيٽا بيس جي کوٽ آهي، ان لاءِ ڇاتي جي ڪينس?? سميت سمورين بيمارين تي جام?? قومي ڊيٽا بيس تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي بيماري ٻين ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي ويندي آهي، ان ڏس ۾ عوام ۾ بيماري جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.