اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) عوام آڏو اهڙو بيانيو پيش ڪري ره?? آهي جنهن جو حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي، مسلم ليگ (ن) ڦرلٽ ۽ ڪرپشن کانسواءِ هن ملڪ ۾ ڪجهه نه ڪيو، اها بارودي سرنگهون وڇائي وئي هئي، گذريل حڪومت عوام سان د??من?? کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، نواز شريف جي حڪومت بجلي جي شعبي ۾ مهانگا ڪانٽريڪٽ ڪيا، بجلي مهانگي ٿيڻ جو بنيادي سبب نواز شريف حڪومت جا معاهد?? آهن، حڪومت جي نيت ٺيڪ هئي ته ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، حڪومتي آمدني ۽ خرچ متوازن آهن، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو لازوال مظهر آهي، سي پيڪ منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا، هي ڄاڻين ٿا ته جيڪڏهن حڪومت ڪامياب ٿي وئي ته انهن جو ڪو مستقبل نه هوندو، وزيراعظم عمران خان اهڙو ليڊر آهي جنهن تي جيترو پريشر وڌو وڃي اهو ايتر?? مضبوط ٿيندو ويندو آهي، عمران خان جهڙو ايماندار ليڊر ملڪ کي پهريون ڀيرو مليو آهي، مسلم ليگ (ن) جيڪو بيانيو شروع ڪيو آهي ان سان انهن تي ٺهندڙ ڪيسن جو ڪو تعلق نه آهي، سي پيڪ اٿارٽي جي قانون کي 15 کان 20 ڏينهن ۾ پاس ڪرائي وٺنداسين، هر سطح تي نواز شريف جي واپسي لاءِ ڪوششون ڪري ره???? آهيون، لسانيت جي ذريعي هي بين المذاهب هم آهنگي کي به متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ره???? آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان ڏسي ره???? آهيون ته اڄڪلهه هر طرف پريس ڪانفرنس ٿي ره?? آهي، مسلم ليگ (ن) جا ترجمان وڏي وثوق سان عوام آڏو ڪوڙ ڳالهائين ٿا، عوام آڏو هڪ اهڙو بيانيو پيش ڪيو پيو وڃي جنهن جو حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي ۽ هي پنهنجي گناهن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، عوام جي مفاد جا ٺيڪيدار پنهنجون حڪومتون هلائي چڪ?? آهن، انهن عوام د??من?? کانسواءِ ڪو ڪم نه ڪيو.