اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت ۽ عدليه جي وچ ۾ مسئلن جي حل ۽ مشاورت جي لاءِ هڪ فورم هجڻ گهرجي، اسلام آباد هاءِ ڪ??رٽ ۾ 233 ارب رپين جا ڪيس التوا هيٺ آهن، اهو ڪنهن شخص جو ذاتي نه پر ملڪ جو پئسو آهي، انهن ڪيسن جي حوالي سان چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪ??رٽ ۽ رجسٽرار سان سٺي ماحول ۾ ملاقات ٿي، چيف جسٽس اطهر من الله بهتر مشورا ڏنا. اسلام آباد هاءِ ڪ??رٽ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ صحافي?? سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ ايف بي آر چيئرمي?? سان گڏ اسان جي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪ??رٽ ۽ رجسٽرار سان سٺي ماحول ۾ ملاقات ٿي، ملاقات دوران ايف بي آر چيئرمين 13 ڪيسن کي وڌيڪ اهم قرار ڏنو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جسٽس اطهر من الله پاڪستان جي ڪجهه وڏن ججن مان آهي. هن پاڪستان جي خوشحالي طرف هڪ وڏو قدم کنيو آهي. هن چيو ته اميد آهي باقي عدالتون به اسلام آباد هاءِ ڪ??رٽ جي پوئيواري ڪنديون. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وصولين بابت ڪيس هاءِ ڪ??رٽ نه، ايف بي آر جي وڪيلن جي ڪري ڦاٿل آهن. هن چيو ته حڪومت ۽ عدليه جي وچ ۾ مسئلن جي حل ۽ مشاورت جي لاءِ هڪ فورم هجڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته يقيني طور تي ايف بي آر چيئرمين اجلاس ۾ ڏنل تجويزن مان فائدو کڻندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان عدم اعتماد جي رٿ جي حوالي سان تيار آهيون، پر لڳي ٿو مخالف ڌر پاران عدم اعتماد جي رٿ اچڻي نه آهي.