اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ترقي لاءِ صنعتن ۽ ڪاروبارن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ??يا??ت جي شعبي ۾ بي پناهه موقعا آهن جنهن مان ڀرپور طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ نوجوانن کي مناسب?? تربيت ۽ رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صنعت ۽ واپار سوات جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عدنان علي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته صنعتون ۽ ڪاروباري برادري واپاري ماپو وڌائڻ ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر سوات ۾ ??يا??ت جي شعبي ۾ ترقي جي موقعن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ??يا??ت جي شعبي ۾ امڪانن مان فائدو کڻي ملازمت جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. ان سلسلسي ۾ نوجوانن کي مهمان نوازي ۽ قيام ۽ طعام جي شعبي ۾ تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ قرض فراهم ڪري رهي آهي، سوات جا نوجوان ??يا??ت ۽ مهمانوازي جي شعبي ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪن ۽ موقعن مان فائدو کڻن. صدر چيو ته حڪومت رستن سميت بنيادي ڍانچي جي ترقي سان ??يا??ت کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جڏهن ته نوجوانن کي هنرمند ??ڻا??ڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان موقعي تي وفد صدر کي پنهنجي مسئلن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، صدر وفد کي مسئلن جي حل ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.