اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته سنڌ هائوس کي نيلام گهر بڻايو ويو آه??، مسٽر فراڊيا جمع آه??، چوري، لُٽ مار جو پئسو انهن ماڻهن وٽ هو، سينيٽ اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ضمير خريد ڪيا پئي ويا، وڊيو به موجود آه??، اليڪشن ايڪٽ واضح آه?? ته ڪنهن ووٽر کي پئسن جي ذريعي خريد نٿو ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن وٽ موقعو اچي ويو آه?? ته هو ان جو خاتمو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب اليڪشن ڪميشن جي ٻ??هر??ن قانون ۽ انصاف واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائ??ند?? ڪيو. فرخ حبيب چيو ته اين ايف سي جي مد ۾ سنڌ حڪومت 2000 ارب کڻي وئي پر ڪٿي استعمال ٿيا ان جو پتو ئي نه آه??، جيڪي ڪائونسلر نه پئي بڻجي سگهيا، اهي ٽڪيٽ جي لاءِ عمران خان جي پيرن ۾ ويٺل هئا، اليڪشن ڪميشن يوسف رضا گيلاني جي خلاف ڪيس جو به فيصلو ڪري ۽ ووٽ جي خريد ۽ وڪري کي فوري طور تي روڪي، اسان ايبسلوٽلي ناٽ چئي ڪجهه غلط ناهي ڪيو، ان جو نتيجو ڀوڳڻ جي لاءِ تيار آه??ون، ڪپتان ڄمي مقابلو ڪندو، ڪنهن قسم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ا??ند?? ۽ نه ئي ڪمپرومائيز ڪندو، مملڪتي وزير چيو ته اڄ سڀ چور هڪ طرف ۽ عمران خان جي سامهون ڄمي بيٺل آه??، جڏهن ڪو اتحاد ٺهندو آه?? ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻو پوندو آه??، اسان پاڪستان جي جمهوريت کي نيلام گهر بڻجڻ نه ڏينداسين، ڀرپور مزاحمت ڪنداسين ۽ رڪاوٽ بڻجي بيهنداسين، آرٽيڪل 63 اي واضح آه??، قانون ان لاءِ ٺاهيو و??ند?? آه?? ته ان جو خوف هجي، ماڻهو قانون نه ٽوڙين، جيڪڏهن انهن جا ضمير ايترا جاڳي ويا آه?? ته نيلام گهر کان ٻاهر نڪرن ۽ ٻيهر اليڪشن وڙهي ڏسي وٺن ته انهن سان ڪيتري عوام آه??، ان موقعي تي قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سامهون جيڪو ڪيس آه?? اهو عام نه آه??، هڪ تاريخ لکي رهيو آه?? ۽ ضمير فروشي جو اهو عمل عوام جي سامهون پهريون ڀيرو ته ناهي آيو، اليڪشن ڪميشن اسان آئيني ادارن، عوام جي ووٽ ۽ جمهوري عمل جو محافظ آه??، گيلاني جي وڪيل هاڻي اهو ٻڌايو آه?? ته وڊيو جيڪا سامهون آئي اها اسان جي نه هئي، اليڪشن ڪميشن کي درخواست آه?? ته هي اهم موڙ آه??، آئيني اداري کي ڪنهن ڪم جي لاءِ ٺاهيو ويو آه??، هي موقعو آه?? ته پارليامينٽ ميمبر ضمير وڪڻندا ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي کين سزا ڏني وڃي.