اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪس??ان جي درجابندي ۾ تنزلي ٿي آهي ?? عمران خان جي ح??وم?? جي هڪ سال ۾ 12 پوائنٽس جي تنزلي ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عمران ح??وم?? جي آخري سال پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪس??ان 12 پوائنٽس هيٺ ويو آهي ??ڏهن ته پوري ح??وم?? جي دور ۾ 18 پوائنٽس تنزلي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته صحافت جي آزادي جي درجابندي ۾ تنزلي تي نه رڳو عمران خان کي ”ص??افت جي آزادي جو شڪاري“ جو شرمناڪ خطاب مليو پر اسان جي جمهوريت به بدنام ٿي. شهباز شريف چيو ته اسان اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون. واضح رهي ??ه اطلاعات جي حق جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ عالمي غيرسرڪاري تنظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز 180 ملڪن جي پنهنجي تازي انڊيڪس ۾ پاڪس??ان کي 157 هين نمبر تي رکيو آهي، 2021ع ۾ انڊيڪس ۾ اهو نمبر 145 ۽ جڏهن عمران خان 2018ع ۾ اقتدار سنڀاليو ان وقت اهو انڊيڪس 139 هو.