لاهور – 03 – آگسٽ (اي پي پي) قائد ملت جعفريه پاڪس??ان علامه سيد ساجد علي نقوي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ آئين شڪني ج??ن ڀارتي ڪارروايون گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي آهن. جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته طاقت ۽ ڏااڍ جي زور تي ڪنهن به قوم کي دٻائي نه ٿو سگهجي، ڀارت جو آرٽيڪل 370 جي خاتمي وارو قدم مذمت جوڳو آهي جنهن والاريل ڪشمير ج?? آبادي جو تناسب آئيني دهشتگردي سان بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ب??باءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح دنيا تي واضح لفظن ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي جنهن تي ڪو ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت کي ڪشمير تي قبضو ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام کي آزاداڻي راءِ استعمال ڪرڻ جو حق ڏيڻ گهرجي.