سرينگر – 03 – آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ پروفيسر عبدالغني بٽ چيو آهي ته ڪشميري ??وام پراڻي ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ پنهنجي پرامن آزادي جي جدوجهد جاري ??کي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پروفيسر عبدالغني بٽ بڊگام جي مختلف علائقن مڪهامه، رتسونه ۽ سنور ڪالي پوره ۾ عوامي ميڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي و??لاريل ڪشمير س??يت سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ڪشميري ??وام خطي ۾ امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ??وش??وار لاڳاپن جي خواهشمند آهي. هن چيو ته ان مقصد کي حاص?? ڪرڻ جي لاءِ سمورا حل طلب مسئلا خاص طور تي ڪشمير تڪرار کي بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز ڳالهين واري ??مل ذريعي ح?? ڪرڻ گهرجي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ چيو ته نه رڳو خطي پر پوري ??نيا جي جاگرافيائي سياسي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي جيڪا ننڍن ۽ غريب ملڪن جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي ڳالهين ذريعي سمورن حل طلب مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي ح?? ڪرڻو پوندو.