حيدرآباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جو 75 هون ??زا??ي ڏهاڙو اڄ 14 آگسٽ تي ڀرپور قومي جذبي سان ملهايو ويندو، ملڪ جي ٻين شهرن وانگر حيدرآباد ۾ به تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. شهر ۾ جڳهه جڳهه تي قومي جهنڊن جي بهار آهي جڏهن ته نوجوان ۽ ٻارن جو جوش ڏسڻ جهڙو آهي، ڏينهن جي شروعات فج?? جي نماز کانپوءِ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون ٿينديون. ??زا??ي جي ڏهاڙي جي موقعي تي حيدرآباد ۾ پرچم ڪشائي جي م??ڪزي تقريب صبح 7 لڳي 45 منٽن تي ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندي، جنهن ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد سيد پير محمد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو سميت صوبائي ۽ وفاقي ادارن جا اعليٰ آفيسر، ملازم ۽ شهري به شرڪت ڪندا، جشن ??زا??ي جي سلسلي ۾ مختلف ??عل??مي ادارن ۾ اڳ کان ئي تقريبن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.