ڪراچي – 12 سيٽپمبر(اي پي پي) پاڪ ف??ائ??ه خيبرپختونخواهه، بلوچستان، سنڌ ۽ ڏ??ڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي عمل لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي. پاڪ ف??ائ??ه طرفان جاري پڌرائي مطابق پاڪ ف??ائ??ه جا هوائي ٻيڙه ۽ هيليڪاپٽرن ٻوڏ متاثرين کي محفوظ انخلا سميت کادي پيتي جي سامان ۽ طبي سامان جي ايئر ڊراپ ذريعي ترسيل ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪ ف??ائ??ه جون ميڊيڪل ٽيمون ٻوڏ متاثرن جي مشڪلات کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فلڊ ريليف ڪيمپن ۾ مسلسل طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف عمل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ ف??ائ??ه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورت مند خاندانن ۾ 22 هزار 785 پچيل کادي جا پيڪٽ، 250 پاڻي جون بوتلون ۽ 1380 بنيادي غذائي جنسن تي ٻڌل خشڪ راشن جا پيڪٽ ورهايا. مفت خوراڪ ۽ رهائش جي فراهمي جي علاوه پاڪ ف??ائ??ه جي فلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ميڊيڪل ٽيمن 1389 مريضن جو طبي معائنو به ڪيو آهي.