مظفرآباد ??? 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي 75 هين تاسيس ڏهاڙي جي موقعي تي گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج مظفرآباد ۾ تقريب منقعد ڪئي وئي، تقريب ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ، شاگردن ملي نغما، ترانو ۽ ڏينهن جي مناسب سان تقريرون ڪري وطن سان محبت جو اظهار ??يو، تقريب ۾ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ جان جاکوڙيندڙن کي خراج تحسين، جڏهن ته شهيدن جي لاءِ دعا ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي اداري جي پرنسپل پر??في??ر ڊاڪٽر عبدالڪريم چيو ته اسان آزاد آهيون ۽ آزادي شعور ۽ ذميواري جي گهرج ڪري ٿي، هر هڪ کي پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻيون پونديون، پنهنجي حصي جو ڪم ڪريو، ٻين تي تنقيد نه ڪريو، پنهنجو پاڻ کان پڇو ته توهان اڄ ڇا ڪيو، آزادي جا 75 سال خود احتسابي ۽ شڪر جا گهرجائو آهن، يوم تاسيس جي ان خصوصي پروگرام جو اهتمام تاريخ جي شعبي پاران ڪيو ويو هو، تقريب جو ميزبان پر??في??ر ملڪ عرفان هو، تقريب جي پهرين حصي ۾ شاگردن ملي نغما، ترانا ۽ ڏينهن جي مناسبت سان تقريرون پيش ڪيون جڏهن ته تقريب جي ٻئي حصي ۾ پر??في??ر اعجاز نعماني، پر??في??ر هارون قريشي ۽ مرڪزي ايڪٽا جي صدر پر??في??ر طارق سليم خطاب ڪيو.