اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارات جي دوري جو مقصد واپاري، معاشي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته يو اي اي جي منهنجي دوري جو مق??د صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ٿيندڙ ڳاله?? ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ آهي. هن چيو ته اسان ان عزم ۽ فهم جو ادراڪ رکون ٿا ته واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ مسلسل ڪوششن جي ضرورت آهي.