اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ڪا??ي عمارتن جي سولرائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري مقرر مدي ۾ منصوبو مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سولرائيزيشن سان درآمدي ٻارڻ جي مد ۾ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. ملڪ ۾ توانائي بچت جي قدمن تي ??ملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ گير سولرائيزيشن منصويي تي ??ملدرآ۾د پاڪستان ۾ درآمدي ٻارڻ تي ??رچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت يقيني بڻائيندو. هن هدايت ڪئي ته س??ڪا??ي عمارتن جي سولرائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري مقرر مدي ۾ ان کي مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪ ۾ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلز ۽ سولر پينلز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ، ملڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي کپت وارن پنکن کي بدلائڻ جي ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ توانائي جي بچت جي لاءِ اين اي اي سي اي کي وڌيڪ فعال ۽ بااختيار بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن منصوبي، مقامي سطح تي ??ولر پينلز ۽ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلز جي پيداوار، گيزرز ۾ ڪونيڪل بيفلز هڻڻ، بجلي جي گهٽ کپت وارن پنکن ۽ بلبن جي پيداوار تي ??ريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مجموعي طور تي 671 س??ڪا??ي عمارتن جي سولرائيزيشن جو عمل شروع آهي جڏهن ته تعليم واري وزارت تحت ايندڙ 600 عمارتن و?? پنهنجي بجيٽ موجود آهي جنهن کي ان مقصد جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. ان کانسواءِ 11 ڪلو واٽ جي فيڊرز جي سولرائيزيشن جو عمل پڻ شروع آهي. وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قس?? جو تعطل برداشت نه ڪيو ويندو. ان کانسواءِ صنعت واري وزارت پاران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مقامي سطح تي ??ولر پينلز ۽ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي جي بنيادي خدوخال جوڙي مختلف ادارن کان ان تي ??اءِ ورتي پئي وڃي، ايندڙ مهيني پاليسي مڪمل ڪري ان کي جاري ڪيو ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ نئين گيزرز جي تياري ۾ ڪونيڪل بيفلز کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. وڌيڪ پراڻي گيزرز ۾ به ڪونيڪل بيفلز هڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ ملڪ ۾ انرجي ايفيشين?? پنکا ۽ بلب ٺاهڻ جي لاءِ پڻ قدم مڪمل آهن، ايندڙ مالي سال کان ملڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي کپت وارا پنکا ۽ بل نه ٺاهيا ويندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، انجنيئر خرم د??تگ??ر خان، مخدوم مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.