اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا سان پاڪستان جي تاريخي ??اڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا جي صدر ڊاڪٽر وليم روٽو کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي ??ڳواڻن ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آفريقا سان ??اڳ??پن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم تعاون جي سمورن شعبن ۾ ڪينيا سان پنهنجي تاريخي ??اڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ڪينيا ۾ قتل ٿيندڙ ناليواري پاڪستاني صحاف?? مرحوم ارشد شريف جو معاملو اٿاريو. وزيراعظم پاڪستاني جاچ ٽيمن کي هيستائين فراهم ڪيل تعاون تي ڪينيا جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان مرحوم ارشد شريف جي ڪيس کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ڪينيا پاران جاچ دوران وڌيڪ تعاون جي درخواست ڪئي. ڪينيا جي صدر وزيراعظم کي ان معاملي ۾ مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.