ڪراچي – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي دنيا جي تازي رجحان ۽ اڳڀرائي سان هم آهنگ رهڻ لاءِ تيز تر فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽيون تعليم ۽ تربيت جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائين، يونيورسٽيون خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ اعليٰ معيار ۽ هنرمند گريجوئيٽس تيار ڪن، يونيورسٽيون آن لائين ۽ هائبرڊ جي ذريعي تعليم جي مدد سان وڌيڪ انگ ۾ گريجوئيٽس پيدا ڪن، سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ پاڪس??ان کي پنهنجي انساني وسيلن جي فڪري ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ ??وج?? هو پاڪس??ان ايئر فورس ايئر وار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جي سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو ته پاڪس??ان کي 22 ملين اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول ۾ آڻڻ، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلائن جي شرح کي بهتر بڻائڻو پوندو. پاڪس??ان ۾ رڳو 9 سيڪڙو شاگرد ايف ايس سي کانپوءِ يونيورسٽين ۾ داخلا و??ن ٿا. پاڪس??ان ۾ هر سال آءِ ٽي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ رڳو 35 هزار گريجوئيٽس پيدا ڪري ٿو، رڳو 35 هزار آءِ ٽي گريجوئيٽس مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ناڪافي آهن. هن چيو ته پاڪس??ان کي باقي دنيا سان رفتار برقرار رکڻ جي لاءِ آءِ ٽي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ گريجوئيٽس جي انگ ۾ بهتري آڻڻ گهرجي. يونيورسٽيون پنهنجي فزيڪل انفراسٽرڪچر کي موثر طريقي سان استعمال ڪن. وڌيڪ شفٽون متعارف ڪرائين. يونيورسٽين ۾ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائين تعليم جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪن. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو ته دنيا جي 52 سيڪڙو سائبر سيڪيورٽي ماهرن وٽ ڪا ڊگري نه آهي. آن لائين تعليم جي ذريعي پاڻ کي هنر سان آراسته ڪريو. هن چيو ته پاڪس??ان آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي مهارتن جي واڌويجهه جي لاءِ هڪ آن لائين پروگرام ڊيجي اسڪلز متعارف ڪرايو. ڊيجي اسڪلز پروگرام سان هيستائين 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن. صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ اٽڪل 70 هزار شاگرد ايف ايس سي جو امتحان پاس ڪن ٿا، سيٽن جي گهٽتائي ۽ محدود وسيلن جي ڪري رڳو 8 هزار شاگرد ئي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلا و??ي سگهندا آهن.