اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي ??ي پي) صدر مملڪت ڊاڪ??ر عارف علوي پاڪ فوج جي شه??دن جي خاندانن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي سندن خدمتن کي ساراهيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق صدر مملڪت ڊاڪ??ر عارف علوي 2 جولاءِ تي بلوچستان ۾ شهيد ٿيل ميجر ثاقب باجوه ۽ نائيڪ علي باقر جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن 20 جون تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيل سپاهي گل رئوف جي وارثن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت شه??دن ۽ سنهن جي خاندانن جي حب الوطني جي جذبي کي سلام پيش ڪيو ۽ قوم طرفان شه??دن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت شه??دن جي فرض سان لگن ۽ وطن لاءِ قرباني جو پڻ اعتراف ڪيو. هن شه??دن لاءِ درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.