اسل??م آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي امن ۽ ماحول کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ۽ ٺوس قدمن کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا جا سمورا مذهب معاشري ۾ ٻڌي ۽ برابري تي زور ڏين ٿا، مذهبن امن جي لاءِ وڏي جستجو ڪئي آهي، چاهيون ٿا ته امن ۽ محبت جو پيغام عام ٿئي، پاڪستان دنيا جي لاءِ گنڌارا ??هذ??ب جي قديم تاريخ جي منفرد ميلاپ ۽ ٻڌ جي امن ۽ همدرديءَ جي پيغام سان هڪ قيمتي دُوار کوليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”ڪلچرل ڊپلوميسي: پاڪستان ۾ گنڌارا ??هذ??ب ۽ ٻڌسٽ هيريٽيج جي بحالي“ جي مو??وع تي ٽن ڏينهن واري گنڌارا سمپوزيم 2023ع کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. سمپوزيم جي افتتاحي سيشن ۾ اسل??م آباد ۾ مقرر مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، مذهبي اڳواڻن، آثار قديمه جي ماهرن، تعليمي ماهرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم ٽاسڪ فورس گنڌارا ٽوئرازم جي چيئرمين ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي سميت ٻين ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندن پڻ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪيو. صدر چيو ته مختلف ??هذ??بن بابت ڄاڻڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا، واديءَ سنڌ جي ??هذ??ب جو ڳاڻيٽو دنيا جي اهم ??هذ??بن ۾ ٿئي ٿو، مذهبي ڪتابن ۾ گنڌارا ??هذ??ب جو به ذڪر آهي. هن چيو ته ٻڌا جي تعليم امن، محبت ۽ رواداري جو درس ڏي ٿي، مو??وده دور ۾ صبر ۽ تحمل ضروري ٿي چڪو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مختلف ??هذ??بن کي اختلاف وساري گڏجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي سمپوزيم منعقد ڪرڻ تي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسل??م آباد ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سمورن مذهبن امن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان جي لاءِ مذهبن وڏي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته دنيا کي امن ۽ بهتر ماحول جي ضرورت آهي. صدر چيو ته دنيا کي تڪرارن کان هٽي امن طرف وڃڻ گهرجي ۽ ??هذ??بن کي لاحق خطرن کي روڪڻو پوندو. ان کان اڳ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود تقريب ۾ شرڪت تي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته سمپوزيم منعقد ڪرڻ سان پاڪستان ۾ مذهبي سياحت کي فروغ ملندو. هن چيو ته پشاور، ٽيڪسلا ۽ تخت ڀائي گنڌارا ??هذ??ب جا اهم شهر رهيا آهن. وزيراعظم ٽاسڪ فورس گنڌارا ٽوئرازم جي چيئرمين ڊاڪٽر رميش وانڪواڻي سمپوزيم کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ گنڌارا سميت ڪيترين ئي ??هذ??بن جا اثار مو??ود آهن، ثقافتي سياحت جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ٿيندو. هن چيو ته ثقافتي ۽ مذهبي سياحت مختلف ملڪن ۽ معاشرن کي ويجهو آڻڻ جو سبب بڻجي ٿي.