اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ اڱاري ڏي??هن سڄي دنيا ۾ آبادي جو عالمي ڏي??هن ملهايو پيو وڃي. اڄ جي ڏي??هن اسان کي دنيا جي وڌندڙ آبادي، ان جي لاءِ محدود وسيلن ۽ ان کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پاليسي قدمن تي خا?? ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. قومي سطح تي منصوبابندي ۾ آبادي اهم حيثيت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آبادي جي عالمي ڏي??هن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا ۾ آبادي جو عالمي ڏي??هن ملهايو پيو وڃي، اڄ جي ڏي??هن اسان کي دنيا جي وڌندڙ آبادي، ان جي لاءِ موجود محدود وسيلن ۽ ان کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پاليسي قدمن تي خا?? ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. قومي سطح تي منصوبابندي ۾ آبادي اهم حيثيت رکي ٿي. ڪو به اسرندڙ ملڪ آبادي ۽ وسيلن جي توازن کانسواءِ پنهنجي ترقي جا هدف پورا نه ٿو ڪري سگهي، ڪو به ملڪ چاهي ڪيترو به وسيلن کان مالامال ڇو نه هجي، آبادي ۾ تيزي سان اضافو ان جي لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. هن سال آبادي جي عالمي ڏ??اڙي جو موضوع ”صنفي برابري جي طاقت کي استعمال ۾ آڻڻ“ آهي. اچو هن ڏي??هن اسان سڀ گڏجي پنهنجي ملڪ جي عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ برابري سان انهن جي ص??احيتن جي ڀرپور استعمال سان ملڪي ترقي جا هدف پورا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻون. پاڪستان جي باصلاحيت عورتن جي قومي ڌارا ۾ شموليت اسان جي ملڪي ترقي ۽ افرادي قوت جي سگهه وڌائڻ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏي??دي. صنفي برابري رڳو انساني حقن جو مسئلو نه آهي پر اهو معاشي ضرورت به آهي. پاڪستان جي معاشي ترقي آبادي جي وچ ۾ برابري کانسواءِ ممڪن نه آهي. موسمياتي تبديلي، عالمي سطح تي تڪرارن ۽ ٻاڙائي جي ڪري اٽڪل سمورا ملڪ پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) کي حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن ۾ ورتل آهن. صنفي اڻبرابري جي ڪري ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ اڃا به مشڪل ٿي وڃي ٿو. آبادي جي عالمي ڏي??هن جي موقعي تي آئون سڀني ڌرين کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي ماڻهن کي تعليم ۽ صحت جي بهترين سهولتن جي فراهمي سان انهن جي سگهه ۾ اضافو ڪن. منهنجي نظر ۾ ترقي جو صحيح نظريو ماڻهن جي ڀلائي تي ٻڌل آهي، اسان کي ان حوالي سان ماڻهن ۽ پاليسي سازن جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻو پوندو.