اسلام آباد – 13 – جولاءِ (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلامي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي اهم حصيدار آه?? جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اسلامي ترقياتي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان مدد کانسواءِ پاڪستان جو ??ءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو ??ظهار هن اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سلمان ا??جاسر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڊاڪٽر محمد سلمان ا??جاسر ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جا پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ڏيڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي مالياتي اداري سان اسٽينڊ بائي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اسلامي ترقياتي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر به اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان مدد کانسواءِ پاڪستان جو ??ءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. هن چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي هڪ اهم حصيدار آه?? جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. وزيراعظم فرانس ۾ پنهنجي ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر جي خوشگوار ملاقات جو ??ڪر ڪندي چيو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو ??واهشمند آهي. وزيراعظم صدر ڊاڪٽر محمد سلمان ا??جاسر کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ تازو ئي قائم ڪيل اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪا خصوصي طور تي ملڪ جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. صدر اسلامي ترقياتي بئنڪ ڊاڪٽر محمد سلمان ا??جاسر چيو ته پاڪستان اسان جو ڀائر ملڪ آه?? جنهن سان تعاون جاري رکنداسين. وزيراعظم ڊاڪٽر محمد سلمان ا??جاسر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.