اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمنڊ پار پاڪستانين تي زور ڏ??و آهي ته اهي پنهنجي ميزبان ملڪن ۾ پاڪستان جو بهتر تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر نصر شاهد جي قيادت ۾ سمنڊ پار پاڪستاني?? جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، وفد ملاقات دوران صدر سان مختلف معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. صدر چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جو ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. سمنڊ پار پاڪستاني با??لاحيت ماڻهو ۽ پاڪستا?? جي لاءِ فخر جو سبب آهن. صدر چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ کان پري رهي پرڏيهي ناڻي جي صورت ۾ ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. صدر چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ميزبان ملڪن ۾ پاڪستان جو بهتر تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪن. پاڪستان کي هن وقت معاشي چئلينجز درپيش آهن، ا?? جي لاءِ ??ڀني کي متحد ٿي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ميزبان ملڪ?? جي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. صدر چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني پاڪستا?? جي ترقي لاءِ ڪم ڪن.