اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد ب?? زايد ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني افرادي ??وت جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد ب?? زايد سان ٽيليفونڪ راب??و ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي معاشي ۽ مالي استحڪام جي لاءِ ان جي ڀرپور حمايت تي دل سان ان جا ٿورا مڃيا جيڪو يقيني طور تي پاڪستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ ان جي گهري محبت ۽ خيال رکڻ جو اظهار آهي. وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 1 ارب ڊالر جمع ڪر??ئڻ تي پڻ ان جا ٿورا مڃيا. جنوري ۾ گڏيل عرب امارات جي پنهنجي ڪامياب دوري کي ياد ڪندي ??زيراعظم ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي ??اڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪوپ – 28 جي لاءِ دعوت تي پڻ ان جا ٿورا مڃيا ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪر??ار کي ساراهيو. هن 6 جولاءِ 2023ع تي ڪوپ – 28 جي نامزد صدر جي پاڪستان جي دوري دوران موسمياتي تبديلي جي چئلينجن جي امڪاني حل بابت ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني افرادي ??وت جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جي تاريخ آهي جنهن جي خصوصيت گڏيل اعتماد ۽ افهام و تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جي مستقل روايت آهي. گڏيل عرب امارات 1.7 ملين پاڪستانين جو گهر آهي، جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪري رهيا آهن.