اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري (ڪالهه) آچر 30 جولاءِ تي گڏيل عرب امارتن جي سرڪ??ري دوري تي روانو ٿي ويو، ترجمان موجب پنهنجي دوري دوران پرڏيهي وزير گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي عزت آب شيخ عبدالله بن زيد آل نهيان سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفا سهڪار جي سمورن رخن تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته ان موقعي ته بلاول ڀٽو زرد??ري پنهنجي هم منصب سان سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي، دوري دوران پرڏيهي وزير مادام تسا ۾ پهرين پاڪستاني شخصيت اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد جي مومي مجسمي جي نقاب ڪشائي وري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، واضع رهي ته ٻئي ملڪ لڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل طو?? تي فائديمند اقتصادي شراڪت د??ري کي وڌيڪ گهرو گهرو ڪرڻ لاءِ پرعز?? آهي.