اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گورننس ۾ بهتري جي لاءِ سول ادارن جي ڪارڪردگي کي آهستي آهستي بهتر بڻايو پيو وڃي، بجلي چوري، ذخيره اندوز?? ۽ ??سمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ چئني صوبن ۾ بهترين ڪم ٿي رهيو آهي، جتي ضرورت پوندي فوج جون خدمتون به حاصل ڪيون وينديون، بجلي چوري کي روڪڻ جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي چوري، ذخيره اندوز?? ۽ ??سمگلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. نگران و??ير??عظم چيو ته نگران حڪومت گورننس جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهي آهي، ذخيره اندوزي، مهانگائ?? ۽ ??سمگلنگ جي حوالي سان صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، ماڻهن ۾ اهو تاثر هو ته اها هڪ هفتي يا ڪجهه ڏينهن جي مهم آهي پر آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اها هفتي ٻن هفتن جي ڳالهه نه آهي، پاڪستان جي اقتصادي صحت جي حوالي سان قدم جاري رهندا. نگران و??ير??عظم چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ذخيره اندوزي، مهانگائي، پرڏيهي ناڻ?? ۽ ??جلي جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا ويا آهن انهن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. لاڳاپيل ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اڳ ۾ اها خبر ئي نه هئي ته هي ڪنهن جو ڪم آهي، ان رجحان کي بدلائڻ جي ضرورت آهي، بيوروڪريسي، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪندا ۽ گورننس جي لاءِ جتي ضرورت پوندي فوج جون خدمتون به حاصل ڪيون وينديون، جيڪو هڪ بهترين ۽ منظم ادارو آهي، ان سان گڏوگڏ سول ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو ويندو، جيڪو وقت جي ضرورت آهي، سول ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي سان انهن جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار ۾ بهتري ايندي. نگران و??ير??عظم ادارن کي پنهنجي اپروچ بهتر بڻائڻ ۽ وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته چئني صوبن ۾ حڪومتي قدمن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، ذخيره اندوز?? ۽ ??سمگلنگ جي خلاف خ??ص طور تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بهترين قدم کنيا ويا آهن، آءِ بي جو ان حوالي سان تمام اهم ڪردار آهي، هن گورننس کي بهتر بڻائڻ ۽ اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف ڪوششن کي ٺوس بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان حوالي سان گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.