اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دف??ع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهي?? اسان جي مٿي جا موڙ آهن ۽ اسان انهن جي قربانين جا قرضي آهيو??. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن دف??ع جي ڏهاڙي جي حوالي سان قومي يادگار شڪر پڙيان ??ي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ موجود هو. نگران وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي دف??ع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو ۽ هتي دف??ع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ موجود آهيان ته اسان پنهنجي شهيدن کي وساريو نه آهي، اهي الله جي راهه ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪن ٿا، شهي?? اسان جي مٿي جا موڙ آهن، اسان شهيدن جي قربانين ۽ انهن جي خاندانن جا قرضي آهيون، اهو قرض ادا ڪرڻ ۾ جيڪو ننڍڙو نذرانو اسان پيش ڪريون ٿا اهو انهن جي ۽ انهن جي پيارن جي تڪريم آهي. هن چيو ته اهو ئي اهو جذبو آهي جنهن جو ذڪر علامه اقبال به پنهنجي شعرن جي ذريعي ڪيو. شهادت هڪ عظيم رتبو آهي جنهن جو الله تعاليٰ وٽ تمام وڏو اجر آهي.