نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائري??ٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي. نگر??ن وزيراعظم پاڪستان جي معيشت کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف پاران 3 بلين آمريڪي ڊالر جي اسٽينڊ بائي ايگريمنٽ (ايس بي اي) جي منظوري تي ٿورا مڃيا. هن ايم ڊي آءِ ايم ايف کي پاڪستان حڪومت پاران ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ بحالي جي لاءِ کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو. نگر??ن وزيراعظم تصديق ڪئي ته انهن قدمن جو مقصد پائيدار اقتصادي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ مستحڪم ۽ سازگار ماحول پيدا ??رڻ آهي. وڌيڪ اهو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي حف??ظت تي ڀرپور ڌيان ڏنو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي منئيجنگ ڊائري??ٽر ڪرسٽالينا جارجيوا معيشت جي بحالي جي لاءِ پاليسين ۽ سڌارا لاڳو ??رڻ ۾ پاڪستان جي ٺوس ڪوششن کي ساراهيو. هن يقين ڏياريو ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان لاڳاپن کي جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.