نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٻاهرئين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت جو سمورو ڌيان ??اروبار دوست ماحول ??يد?? ڪرڻ تي آهي، حڪومت آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل جي تجويزن جي آجيان ??ندي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي نظام تي يقين رکون ٿا. هتي ملندڙ پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا جي ڪ??رپوريٽ سيڪٽر کي پاڪستان سان پنهنجي پراڻي ۽ نتيجاخيز لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ طريقي ۽ ذريعن تي غور ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت جي سمورن شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. حڪومت جو ڌيان ??اروبار دوست ماحول ??يد?? ڪرڻ تي آهي. ان سلسلي ۾ سمورين تجويزن جي آجيان ??ئي ويندي. نگران وزيراعظم ان ??الهه تي زور ڏنو ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري جي نظام تي يقين رکي ٿي ۽ ان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ، انهن جو اعتماد وڌائن، زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي ۽ توانائي جي ترجيحي شعبن ۾ منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري ڪ??ئونسل جوڙي آهي. نگران وزيراعظم سيڙپڪاري جي لاءِ خاص طور تي زراعت، فارماسيوٽيڪل، صحت سميت مختلف شعبن ۽ ڊيجيٽل بئنڪنگ جي نشاندهي ڪ??ي جتي آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائي سگهن ٿيون. ڪائونسل جي صدر ايسپيرانزه جيلاليان نگران وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي کيس يقين ڏياريو ته آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل پاڪستان حڪومت سان تعاون وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ موقعا ڳولڻ جي لاءِ راب??ا جاري رکندي. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن نگران وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪ??روبار ۽ پاڪستاني مارڪيٽ ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.