اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ??تا?? ۽ ناروي جي وچ ۾ ??طر??ي سياسي مشاورت جو 12 هون د??ر اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪ??تا??ي وفد جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته ناروي جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي علائقائي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ويجبورن ڊيسوِڪ ڪئي. ٻنهي طرفن 2021ع ۾ منعقد آخري ??طر??ي سياسي مشاورت کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ سيڙپڪاري، جهاز راني، موسمياتي تبديلي، قابل تجديد توانائي ۽ اعليٰ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناروي پاڪ??تا?? جو هڪ اهم سيڙپڪاري پارٽ??ر آهي. ناروي جي وفد کي پاڪ??تا?? حڪومت پاران تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ ان کي ڪائونسل سان پيدا ٿيندڙ سيڙپڪاري جا امڪان ڳولڻ جي دعوت ڏني وئي.