اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته پاڪستان وڏي طاقت?? جي مقابلي ۾ ڌري?? جي چونڊ ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مفادن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي جڏهن ته اولهه چي?? کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش?? جي جنون ۾ مبتلا آهي، پاڪستان چي?? کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار سمجهي ٿو. نيويارڪ ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ انٽرويو ۾ جيڪو نگران وزيراعظم گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڏنو هو، هن چ??و ته پاڪستان يوڪرين سان روس جي جنگ تي ”غيرجانبدار“ آهي ۽ چي?? کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار طور ڏسي ٿو. هن چ??و ته اها سرد جنگ نه آهي، هتي ڪو ”آئرن ڪرٽن“ نه آهي، اهو ايترو مبهم نه آهي، هر ڪو ڏسي رهيو آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي. هن چ??و ته اولهه چي?? کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش?? جي جنون ۾ مبتلا آهي. هن چ??و ته پاڪستان هڪ اهڙي راهه تي گامزن آهي جنه?? جي چونڊ اولهه، روس ۽ چي?? جي وچ ۾ چٽاڀيٽي کان بچڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي. هن چ??و ته پاڪستان آمريڪا ۽ چي?? جي وڌندڙ دشمني ۾ ڪنهن به ڪئمپ جو حصو بڻجڻ جو ڪو ارادو نه ٿو رکي. هن چ??و ته سوويت يوني?? جي خلاف ۽ نائين اليون کانپوءِ ٻيهر اولهه جو ساٿ ڏئي پاڪستان وڏي قيمت ادا ڪئي. هن چ??و ته گذريل 30 سالن ۾ پاڪستان سان اولهه غيرمنصفاڻو سلوڪ ڪيو آهي، هر قوم پنهنجي لاءِ… اسان کي ان مقابلي جو فڪر ڇو ڪرڻ گهرجي؟ اهو ٻن عظيم طاقتن، ٻن عظيم تهذيبن ۽ 150 کان وڌيڪ ملڪ?? جي اثر?? جي وچ ۾ آهي ۽ پاڪستان انهن ملڪن مان رڳو هڪ آهي، يوڪرين بابت پاڪستا?? جي ”غيرجانبدار“ موقف جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چ??و ته اهو بحران چئلينجز پيدا ڪري رهيو آهي ۽ گڏ ئي اهو خطي ۾ موقعا پڻ پيدا ڪري رهيو آهي ۽ اسان ان کي ٻنهي طريقن سان ڏسي رهيا آهيون. نگران وزيراعظم پاڪستان پاران يوڪرين ۾ جنگي سامان منتقل ڪرڻ جي حوالي سان ميڊيا رپورٽ ۾ الزام?? جي سختي سان ترديد ڪندي چ??و ته اسان ڪنهن به قسم جو وڪرو نه ڪيو جيڪو سڌوسنئون يوڪرين يا ڪنهن به ٽئين ڌر جي ذريعي به ڪنهن قسم جي ڏيتي ليتي هجي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن?? جي گرفتاري جي حوالي سان نگران وزيراعظم مبينا زيادتي?? جي ترديد ڪئي ۽ پاڪستا?? جي قدم?? جي ڀيٽ 6 جنوري 2021ع تي آمريڪي ڪيپيٽل تي حملو ڪندڙ?? جي آمريڪا ۾ گرفتارين سان ڪئي. هن چ??و ته گرفتاريون غيرقانوني ڪاررواين تي ڪيون پيون وڃن، ڪو به اهڙو ??خص جيڪو باهه لڳائڻ يا ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث آهي، اهو ان قسم جو طرزعمل نه آهي جنهن کي ڪنهن به لبرل جمهوريت جي ذريعي فروغ ڏنو وڃي ٿو يا ا?? جي تائيد ٿئي ٿي، ته پوءِ پاڪستان کان اها اميد ڇو ڪئي پئي وڃي ته اسان اهڙي طرح جي رويي کي معاف ڪريون؟.