اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽج?? اسٽڊيز جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين ٿنڪ ٽينڪس ۾ ٿئي ٿو، هي انسٽيٽيوٽ وزارتن جي لاءِ تحقيق ۾ معاونت جي ذميواري پڻ ادا ڪري رهيو آهي. سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر محسن عزيز، سينيٽر زرقه سهروردي ۽ ٻين سين??ٽر?? جي سوالن جي جواب ۾ نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽج?? اسٽڊيز اسان جي ٿنڪ ٽينڪ آهي، ڊائريڪٽر جنرل ان جو سربراهه آهي، ان جا مختلف سينٽرز ٺاهيا ويا آهن، ان جي سينٽرز ۾ ايشيا پيسفڪ ۽ چائنا سينٽرز آهن، هي نه رڳو سيمينارز منعقد ڪرائي ٿو جن جي ذريعي اسڪالرز ۽ عالمي ماهرن جو هڪ ٻئي سان رابطو رهي ٿو، دنيا جي ٿنڪ ٽينڪس سان پڻ ان جا رابطا آهن ۽ هي اسان جي وزارتن جي لاءِ پڻ ريسرچ ۾ معاونت ڪري ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ هزارين ٿنڪ ٽينڪس آهن جن ۾ پاڪستان جي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽج?? اسٽڊيز جو نمبر 80 هون آهي. نگ??ان پرڏيهي وزير چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽج?? اسٽڊيز کي هدايت آهي ته هو پارليامينٽ ميمبرن کي پڻ پنهنجي سيمينارز ۾ گهرائي باقي ??نڪ ٽينڪس کي پڻ ان حوالي سان هدايت ڪئي ويندي.