راولپنڊي-12 ڊسمبر (اي پي پي) ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مختلف انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران 27 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي چؤڪيءَ تي حملي جي ڪوشش ڪئي ۽ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ عمارت ڪِرڻ سبب پاڪ فوج جا 23 جوان شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ 2 جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر مطابق 11 ۽ 12 ڊسمبر جي وچ واري رات ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪ??و وي??، جنهن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪ??و وي??، جنهن جي نتيجي ۾ 17 دهشتگرد مارجي ويا. ڪلاچي ۾ انٽيليجنس تي ٻَڌل هڪ ٻي آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻا??و وي??، جنهن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان به شهيد ٿيا. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهر??ن تي حملن ۾ ملوث هئا. ڪاررواين دوران هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪ??و ويو آهي. 12 ڊسمبر 23ع تي صبح سوير 6 دهشتگردن جي هڪ گروهه درابن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چؤڪيءَ تي حملو ڪيو. دهشتگرد چؤڪي ۾ داخل ٿيا ۽ بارود سان ڀريل گاڏي داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي روڪ??و ويو ته هن آپگهاتي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڌماڪي سبب عمارت ڪ??ري پئي، ان واقعي ۾ پاڪ فوج جا 23 جوان شهيد ٿي ويا. ٻي طرف وقائتي جوابي ڪارروائي ڪئي وئي جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ سيني ٽائيزيشن آپريشن جاري آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.