اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان پاڪستان ۾ ڪروشيا جي سفير ڊاڪٽر ڊريگو اسٽمبوڪ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آ??يس موجب ملاقات دوران هن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وز??ر ڪروشيا سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ڪراچي ۾ ڪروشيا جي اعزازي قونصليٽ جي اف??تا?? کي ساراهيو.