ڪراچي – 12 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زردار?? باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري. ايوان صدر ??ي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري صدارتي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ مزار قائد تي حاضري ڀري ۽ فا??حه خواني ڪئي. مزار قائد پهچڻ تي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. صدر آصف علي زردار?? باني پاڪستان کي خراج عقيدت پيش ڪيو، هن مهمانن جي ڪتاب ۾ پ??هنجا تاثر پڻ لکيا.