اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جا قطر سان ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي ??ڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ق??ر جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ الخطر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ق??ر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، نائب امير شيخ عبدالله بن حمد الثاني ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني جا پنهنجي وزيراعظم جي چونڊجڻ تي مبارڪباد وارا پيغام موڪلڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان کي ??طر سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻن لا??اپ?? تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ق??ر جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جيڪا سندس اڳوڻي دور ۾ قائم ڪئي وئي هئي، هاڻي هڪ موثر ۽ نتيجاخيز طريقيڪار طور ڪم ڪري ره?? آهي ۽ ان ڳالهه کي ??قيني بڻائي ره?? آهي ته غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي اهم شعبن يعني زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهن. وزيراعظم غزه ۾ امن جي ڪوششن ۾ ق??ر جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ به غزه ۾ تشدد جو سلسلوجاري آهي. وزيراعظم آگسٽ 2022ع ۽ مارچ 2023ع ۾ ق??ر جي پنهنجي سرڪاري دورن جو ذڪر ڪندي ق??ر جي امير کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي عوام ويجهي مستقبل ۾ سندس استقبال جي منتظررهندي. ق??ر جي سفير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لا??اپ?? کي ??روغ ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪندو.