اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) پارليامنٽ هائوس جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ پولنگ شروع ٿيڻ کا?? اڳ پريذائيڊنگ آفيسر جسٽس عامر فاروق ميمبرن کي پولنگ جي طريقيڪ??ر ۽ بيلٽ پيپر جي استعمال جي حو??لي سان هدايتن جاري ڪيون. پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ پولنگ جي شروعات کا?? اڳ پريذائيڊنگ آفيسر ميمبرن کي ٻڌايو ته بيلٽ پيپر تي لاڳاپيل اميدوار جي نالي آ??و ڪراس جو نشان لڳائڻو پوندو، اهو نشان لاڳاپيل اميدوار جي نالي آ??و ٺهيل خاني جي اندر هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن ميمبر جو بيلٽ پيپر ڪنهن سبب ڪري خراب ٿي وڃي ته هو پهريون بيلٽ پيپر واپس جمع ڪرائي ٻيو وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته پولنگ بوٿ ۾ موجود پينسل کا?? علاوه ٻيو قلم نشان لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.