اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضبوط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي. هن اها ڳالهه نيول هيڊڪوارٽرز جي دو??ي دو??ان ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي وزيرن سان گڏ نيول هيڊڪوارٽرز جو دو??و ڪيو، پا?? بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف وزيراعظم جو استقبال ڪيو ۽ وزيراعظم کي پاڪ بحريه جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي ي??دگ??ر تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ بعد ۾ نيول هيڊڪوارٽرز جي پرنسپل اسٽاف آفيسر سان سندس تعارف ڪرايو ويو. ملاقات دو??ان علائقائي سامونڊي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن ۽ پا?? بحريه جي آپريشنل تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. امير البحر وزيراعظم کي پاڪ بحريه جي ڪردار، صلاحيتن ۽ مستقبل ۾ جدت آڻڻ جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. بعد ۾ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) پاران موجوده سامونڊي صورتحال، پا?? بحريه کي درپيش چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پا?? بحريه جي ردعمل ب??بت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي خاص طور تي ميري ٽائيم شعبي ۾ ملڪ کي درپيش موجوده ۽ مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پا?? بحريه جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ضرورتن ب??بت آگاهه ڪيو ويو. ان کي ميري ٽائيم سيڪٽر جي معاشي امڪانن مان فائدو کڻڻ جي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم محدود وسيلن جي باوجود ملڪ جي سامونڊي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پا?? بحريه جي خدمتن کي ساراهيو. هن نيول ايئربيس تربت تي تازي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پا?? بحريه جي پيشيواراڻي ردعمل کي خاص طور تي ساراهيو. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضبوط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي. آخر ۾و زيراعظم پا?? بحريه جي ڪمانڊ آپريشن سينٽر جو دو??و پڻ ڪيو. نيول چيف وزيراعظم جي دو??ي ۽ بحريه تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. هني قين ڏياريو ته پا?? بحريه الله سبحان الله تعاليٰ جي مدد سان ملڪ جي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي مفادن جو دفاع جاري رکندي ۽ امن 7 جنگ ٻنهي جي ذميوارين کي بهترين انداز ۾ نڀائيندي.