اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان شام جي شهر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي قونصلر سيڪشن تي حملي جي سخت مذمت ڪندي متاثرين جي گهرڀاتين، عوام ۽ ايران جي حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان پاران جاري ب??ان ۾ چيو ويو آهي ته اهو حملو شام جي خودمختياري جي ناقابل قبول خلاف ورزي آهي ۽ ان جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائي ٿو. ب??ان موجب اها عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي آهي، 1961ع جي سفارتي لاڳاپن جي ويانا ڪنوينشن تحت سفارتڪارن يا سفارتي سهولتن جي خل??ف حملا به غيرقانوني آهن. ب??ان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج جو غيرذميواراڻو قدم اڳ ۾ ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آهي. ترجمان پنهنجي ب??ان ۾ چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيل کي خطي ۾ ان جي مهم جوئي ۽ پاڙيسري ملڪن تي حملو ڪرڻ ۽ غيرملڪي سفارتي ٺڪاڻن کي نش??نو بڻائڻ جي غيرقانوني ڪاررواين کان روڪي.