اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڙن ۾ 6 کان 8 اپريل تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو، وزيراعظم چونڊجڻ کانپوء?? هي سندس پهريون غيرملڪي دورو هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان م??جب دوري دوران پرڏيهي وزير ۽ دفاع واري وزير کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارا وفاقي وزير پڻ ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم عمري جي ادائيگي کانسواءِ مدينه المنوره ۾ مسجد نبوي ﷺ ۾ نماز ادا ڪندو. وزيراعظم جي سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز سان م??اقات متوقع آهي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. بيان م??جب ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ۽ ثقافتي وابستگي تي آهن. پاڪستان جي عوام خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي لاءِ انتهائي احترام رکي ٿو. ٻنهي ملڪن جي قيادت ڀائرانن لاڳاپن کي اڳتي وڌ??ئڻ ۽ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند بڻ??ئڻ جي لاءِ پرعزم آهي.